GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي: صدر

image
APP30-240222 ISLAMABAD: February 24 – President Dr. Arif Alvi addressing the launching ceremony of Strengthing Of Social Health Protection & Sehat Sahulat Program, at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ صحت ۽ تعليم سميت سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪميونٽي ورڪرز کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي ۽ پاڪستان تهريڪ انصاف جي موجوده حڪومت انهي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت پروگرام تحت سماجي عوامي صحت جي تحفظ کي مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام هيلٿ سروسز اڪيڊمي ۽ جرمني جي اداري جي آءِ زيڊ ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جرمني جو صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان تاريخي ۽ پراڻو تجربو آهي، پاڪستان تهريڪ انصاف قائم ٿيڻ جي موقعي تي جيڪو منشور تيار ڪيو ويو ان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ترجيح ڏني وئي ڇو ته سامجي خدمتن جي حوالي سان صحت ۽ تعليم جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن هو، جن قومن صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏني انهن قومن ترقي ڪئي. هن چيو ته صحت خراب ٿيڻ تي محنت جي ڪمائي علاج تي خرچ ٿي وڃي ٿي، غريب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ خاندان جو مالياتي نظام متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بيماري کان بچاءُ، وقت سر سُڃاڻپ ۽ علاج سان ئي ان جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته صحت سهولت ڪارڊ بهترين قدم آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ شهرين کي صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به جلد اها سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان ڪارڊ سان پوري ڪميونٽي جي انشورنس ٿيندي، ان ڪارڊ جي استعمال جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري آهي، هيلٿ سروسز اڪيڊمي کي ان جي ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ ۾ ڪرپشن جو ڪو امڪان نه آهي. هن چيو ته آن لائين تعليم سستي آهي ۽ آن لائين طريقي سان ڏورانهن علائقن ۾ تعليم فراهم ڪري سگهجي ٿي، اهڙي طرح صحت جي شعبي ۾ جديد ذريعن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن پوليو کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان صحت واري وزارت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پوليو ورڪرز پوليو جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته صحت سميت ٻين شعبن ۾ سماجي خدمتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي خدمتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، معاشرتي مسئلن جي حل ۾ مسلمان معاشري ۾ مسجدن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، عالم سڳورن، دانشورن ۽ ڪميونٽي جي ورڪرز کي سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مسجدن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ تعليم بالغان جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي، خيبرپختونخواهه ۾ مسجد جي امام کي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ، ٻارن ۾ غذائي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت ڪميونٽي ورڪرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ماءُ جو کير پيارڻ ضروري آهي. هن پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي سهولت ڏني پئي وڃي، ان قدم سان صحت جي سهولتن جي فراهمي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي، ڪيتري ئي آبادي کي صحت جي هڪ جهڙين سهولتن جي فراهمي وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته جرمن ڊيولپمينٽ ڪارپوريسن (جي آءِ زيڊ) پاڪستان جو وڏو حصيدار آهي، عوام ۾ صحت جي دستياب سهولتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ اهم آهي. جرمن سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن ڊاڪٽر فلپ چيو ته جرمني پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي لاءِ صحت سهولت پروگرام ۾ ڀرپور معاونت ڪري رهيو آهي، اهو پائيدار ترقي هدفن جو به اهم نقطو آهي. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي خان صحت سهولت پروگرام جا مقصد بيان ڪيا.

مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں